وڪيلن جي ڀلائي ۽ پيشيوراڻي سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: بئريسٽر عقيل ملڪ

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته وڪيلن جي ڀلائي، سندن مسئلا وقت سر حل ڪرڻ ۽ پيشيوراڻين سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان لاءِ مقصد لاءِ ٺوس ۽ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن اهي ڳالهيون ڪالهه مختلف بار ايسوسيئيشنز جي وفدن سان ملاقات ۾ چيون. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب …

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته وڪيلن جي ڀلائي، سندن مسئلا وقت سر حل ڪرڻ ۽ پيشيوراڻين سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان لاءِ مقصد لاءِ ٺوس ۽ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن اهي ڳالهيون ڪالهه مختلف بار ايسوسيئيشنز جي وفدن سان ملاقات ۾ چيون. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ بٽگرام ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، حويليان تعلقي بار ايسوسيئيشن، اپر چترال ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۽ جنڊ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جا نمائندا شامل هئا. ان موقعي تي وڪيلن کي درپيش مسئلن ۽ سندن ڀلائيءَ بابت معاملا ۽ قانوني برادريءَ لاءِ سهولتن ۾ بهتريءَ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت وڪيل برادريءَ جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، انصاف جي فراهميءَ جي نظام ۾ وڪيلن جو مؤثر ڪردار آهي. هن وڪيلن لاءِ جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن تي روشني وجهندي خاطري ڪرائي ته منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي مختلف بار ايسوسيئيشنز لاءِ گرانٽ اِن ايڊ جا چيڪس به ورهايا ويا. بئريسٽر عقيل ملڪ ان عزم کي ورجايو ته وڪيلن جي سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري ۽ سندن حقن جي تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ وزارت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.

مزید خبریں