مالياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجي جي جائزي خاطر معتبر عالمي حصيدارن سان فعال طور  تي رابطي ۾ آهيون: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي مالياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجي جي جائزي خاطر معتبر عالمي حصيدارن سان فعال طور  تي رابطي ۾ آهي. هن اها ڳالهه سجواني بزنس گروپ جي وفد سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ڊجيٽل فنانس ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون، اعليٰ سطحي وفد جي …

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي مالياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجي جي جائزي خاطر معتبر عالمي حصيدارن سان فعال طور  تي رابطي ۾ آهي. هن اها ڳالهه سجواني بزنس گروپ جي وفد سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ڊجيٽل فنانس ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون، اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ون گروپ جي چيئرمين سيد ذيشان شاهه ڪئي. ملاقات ۾ ٽوڪنائيزيشن، مصنوعي ذهانت، بلاڪ چين، ۽ ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر جي حوالي سان عالمي سطح تي اڀرندڙ رجحانن تي غور ڪيو ويو. وفد پاڪستان حڪومت سان حصيداري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ حقيقي اثاثن جي ٽوڪنائيزيشن، بلاڪ چين تي ٻڌل پليٽ فارمز،مصنوعي ذهانت تي ٻڌل حل ۽ جديد ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر جهڙن شعبن ۾ فني مهارت، صلاح مشوري ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان قدم کڻڻ جي آڇ ڪئي. وفد عالمي سطح جي بهترين مثالن ۽ خانگي شعبي جي جدت کي اجاگر ڪيو جيڪو ملڪ جي قانوني ۽ ضابطه جاتي فريم ورڪ جي مڪمل احترام کي يقيني بڻائيندي، پاڪستان کي شفافيت، ڪارڪردگي، سيڙپڪارن جي پهچ ۽ مالي شموليت ۾ بهتري آڻڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. اها ڳالهه پاڪستان جي طرفان اڀرندڙ مالياتي ٽيڪنالاجي کي ذميواراڻي انداز ۾ اختيار ڪرڻ جي تازي ڪوششن جي روشني ۾ ٿي، جن ۾ خودمختيار ۽ حقيقي اثاثن لاءِ ضابطاجاتي گهرجن سان هم آهنگ بلاڪ چين انفرااسٽرڪچر جي جائزي جي حڪومتي ڪوششون به شامل آهن. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن ان ٽيڪنالاجيز کي محتاط انداز ۾ لاڳو ڪيو وڃي ته ڪيپٽل مارڪيٽ کي سگهه ڏيڻ، عالمي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. ناڻي واري وزير وفد جي دلچسپي کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان تعميري انداز ۾ رابطا هموار ڪرڻ تي سندن ٿورو مڃيو. هن ذميوارڻي جدت، مضبوط طرز حڪمراني ۽ ضابطه جاتي هڪجهڙائي جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي مالياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز جي جائزي خاطر معتبر عالمي حصيدارن سان فعال رابطي ۾ آهي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪنهن به امڪاني تعاون جو بنياد قومي ترجيحن، شفافيت ۽ لاڳو جوڳي قانون ۽ پاليسين تي رکيو ويندو.

مزید خبریں