اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي خلاف فيصلائتين ڪاررواين جي مخالفت اصل ۾ دهشتگردن جي بيان کي هٿي وٺرائڻ آهي، خيبرپختونخواه اهو صوبو آهي جنهن سڀ کان وڌيڪ لاش کنيا، قربانيون ڏنيون ۽ سڀ کان وڌيڪ تباهي اکين سان ڏٺي پر افسوس جو ان صوبي ۾ دهشتگردن خلاف رياستي قدمن تي سياست ڪئي پئي وڃي. سماجي رابطن …
دهشتگردي جي خاتمي خلاف فيصلائتين ڪاررواين جي مخالفت اصل ۾ دهشتگردن جي بيانن کي هٿي وٺرائڻ آهي: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي خلاف فيصلائتين ڪاررواين جي مخالفت اصل ۾ دهشتگردن جي بيان کي هٿي وٺرائڻ آهي، خيبرپختونخواه اهو صوبو آهي جنهن سڀ کان وڌيڪ لاش کنيا، قربانيون ڏنيون ۽ سڀ کان وڌيڪ تباهي اکين سان ڏٺي پر افسوس جو ان صوبي ۾ دهشتگردن خلاف رياستي قدمن تي سياست ڪئي پئي وڃي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پاران آپريشن جي مخالفت اهي سنگين سوال اٿاريا آهن ته ڇا اقتدار جي سياست قومي سلامتي کان وڌيڪ اهم ٿي چڪي آهي. جن عنصرن مسجدن، بازارن، اسڪولن ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو آهي انهن خلاف ڪارروائي ۾ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ شهيدن جي رت سان نا انصافي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته پاڪ فوج، پوليس، ايف سي ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي هزارين جوانن وطن جي امن لاءِ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو آهي. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ڪا ناراض ڌر نه آهي پر هڪ مڃيل دهشتگرد تنظيم آهي جنهن جا هٿ هزارين پاڪستانين جي رت سان رڱيل آهن اهڙي صورتحال ۾ سخت موقف بدران نرم لهجو اختيار ڪرڻ ۽ رياستي ڪاررواين جي مخالفت ڪرڻ اصل ۾ انهن جي قربانين جي توهين آهي جيڪي اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن ڏنيون آهن. هن چيو ته اهو رياست جو فرض آهي ته اها شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري ۽ پاڪ فوج اها آئيني ذميواري ادا ڪري رهي آهي. دهشتگردن خالف جنگ ۾ قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي. سياست پنهنجي جاءِ تي پر رياست، سلامتي ۽ شهيدن جون قربانيون هر شيءِ کان بالاتر هجڻ گهرجن.











