اسلام آباد - 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪمرشل بئنڪن پاران ننڍي ۽ وچولي پئماني جي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي کي قرض جي فراهمي جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ ننڍي ۽ وچولي پئماني جي نئين ڪاروبار ۽ ننڍي آبادگارن کي قرض جي فراهمي ۾ سهولت، معاشي شموليت ۽ نجي …
وزيراعظم پاران اسٽيٽ بئنڪ کي ڪمرشل بئنڪن پاران ننڍي ۽ وچولي پئماني جي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي کي قرض فراهم ڪرڻ جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪمرشل بئنڪن پاران ننڍي ۽ وچولي پئماني جي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي کي قرض جي فراهمي جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ ننڍي ۽ وچولي پئماني جي نئين ڪاروبار ۽ ننڍي آبادگارن کي قرض جي فراهمي ۾ سهولت، معاشي شموليت ۽ نجي شعبي کي قرض جي فراهمي تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي هدايت ڪئي ته زراعت جي شعبي ۾ جدت جي فروغ جي لاءِ سروس پرووائيڊرز کي ترجيحي بنيادن تي قرض جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خاص معاون هارون اختر سميڊا جي ٽيم سان گڏ گلگت بلتستان ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جو دورو ڪري ۽ ننڍي ۽ وچولي پئماني جي ڪاروبار جي سهولت لاءِ صوبن سان گڏجي جامع پاليسي سازي ڪري. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ ايس ايم ايز معيشت ۽ صنعتي شعبي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن نوجوانن کي انٽر پرينيورشپ جي تربيت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن نوان ڪاروبار شروع ٿين ۽ ملڪ جي معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿئي. وزيراعظم چيو ته نجي شعبي خاص طور تي ايس ايم ايز ۽ ننڍي آبادگارن کي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرض جي فراهمي ۾ سهولت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس ۾ نجي شعبي کي گذريل سالن ۾ ڪاروبار، مشينري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي لاءِ فراهم ڪيل قرض جي انگن اکرن ۽ معيشت جي بهتري سان گڏوگڏ ان جي انگ ۾ اضافي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 22 – 2021ع جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر 2025ع ۾ نجي شعبي کي بئنڪن پاران قرض جي فراهمي ۾ بهتري آئي ۽ قرض حاصل ڪندڙن جو انگ ٻيڻو ٿي 3 لک 3 هزار جي سطح عبور ڪري ويو ۽ قرض جو ڪاٿو 1.1 ٽريلين ٿي ويو آهي، زرعي شعبي ۾ هلندڙ سال قرض مان فائدو کڻندڙ آبادگارن جي انگ جو ڪاٿو 30 لک لڳايو ويو آهي جڏهن ته گذريل سال اهو انگ 28 لک رهيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪمرشل بئنڪن پاران نئين ڪاروبار ۽ جديد مشينري جي لاءِ قرض جي فراهمي کي ترجيح ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، زرعي شعبي کي فراهم ڪيل قرض ۾ جديد مشينري ۽ فصلن سان گڏوگڏ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جا شعبا پڻ شامل آهن، سميڊا ننڍي ۽ وچولي پئماني جي ڪاروبارن کي مالياتي معاملن جي تربيت ۽ آگاهي جي لاءِ جلد هڪ پروگرام جاري ڪندو، پنجاب ۾ آبادگارن کي جديد زرعي اوزارن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ سروس پرووائيڊرز کي قرض جي فراهمي جو پروگرام جاري ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ننڍي آبادگارن کي قرضن جي فراهمي ۾ سهولت جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ پاران مڪمل طور تي ڊيجيٽل نظام تي ٻڌل ”زرخيز – اي ايپ“ پڻ جاري ڪئي وئي آهي جنهن مان آبادگارن جو وڏو انگ فائدو کڻي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو ان حوالي سان باقاعدگي سان اجلاس جي صدارت ۽ نگراني ڪندو ۽ جلد ان حوالي سان هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ نجي شعبي خاص طور تي ايس ايم اي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي کي قرض جي فراهمي جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ سفارشون جوڙيندي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن سان گڏوگڏ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي.











