اسلام آباد - 06 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي روس ۾ سفير فيصل نياز ترمذي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. سفير فيصل نياز ترمذي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ماسڪو سان تازي رابطن ۽ سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ پاڪستان – روس لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پاڪستان جي روس ۾ سفير فيصل نياز ترمذي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي روس ۾ سفير فيصل نياز ترمذي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. سفير فيصل نياز ترمذي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ماسڪو سان تازي رابطن ۽ سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ پاڪستان – روس لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مسلسل سفارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پاڪستان جي مفادن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.











