اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهندي، جڏهن ته پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته مٿانهين وارن علائقن …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿد رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهندي، جڏهن ته پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. اسلام آباد، پنجاب، هيٺاهين خيبر پختونخوا ۽ مٿانهين سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. سڀ کان وڌيڪ برسات بلوچستان جي لسٻيلو ۾ 05، ڪشمير، راولاڪوٽ ۾ 03 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 11، زيارت ۾ ڪاٽو 09، استور ۾ ڪاٽو 08، قلات، ڪالام ۾ ڪاٽو 07، اسڪردو ۾ ڪاٽو 06، گوپس ۾ ڪاٽو 05، هنزه، مالم جبه، پاراچنار، ڪوئيٽا ۽ نٿياگلي ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











