وزيراعظم شهباز شريف جي راجا ظفرالحق جي رهائشگاهه آمد، راجا ظفرالحق جي عيادت ڪئي

اسلام آباد - 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان راجا ظفرالحق جي رهائشگاهه ويو جتي هن راجا ظفرالحق جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف راجا ظفرالحق جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم پارٽي ۽ ملڪي سياست جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير …

اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان راجا ظفرالحق جي رهائشگاهه ويو جتي هن راجا ظفرالحق جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف راجا ظفرالحق جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم پارٽي ۽ ملڪي سياست جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هو.

مزید خبریں