اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر پاران ملڪ جي اترئين علائقن ۽ اتر بلوچستان ۾ امڪاني شديد سيءُ جي لهر جي حوالي سان الرٽ جاري

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر، ملڪ جي اترئين علائقن ۽ اتر بلوچستان ۾ امڪاني شديد سيءُ جي لهر جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. گلگت بلتستان، ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، پوٺوهار ريجن ۽ اتر بلوچستان ۾ شديد سيءُ جي صورتحال برقرار رهڻ جو امڪان آهي. ترجمان مطابق ڪوئيٽا، زيارت ۽ قلات سميت اتر بلوچستان ۾ سيءُ جي شدت ۾ …

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر، ملڪ جي اترئين علائقن ۽ اتر بلوچستان ۾ امڪاني شديد سيءُ جي لهر جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. گلگت بلتستان، ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، پوٺوهار ريجن ۽ اتر بلوچستان ۾ شديد سيءُ جي صورتحال برقرار رهڻ جو امڪان آهي. ترجمان مطابق ڪوئيٽا، زيارت ۽ قلات سميت اتر بلوچستان ۾ سيءُ جي شدت ۾ نمايان اضافي جو امڪان آهي. شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته شديد سيءُ سبب ساهه جي بيمارين جي خطرن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. شديد سيءُ پوڻ سبب فيصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، آبادگار به حفاظتي قدم يقيني بڻائين. موسمي صورتحال ۽ امڪاني شديد ڪوهيڙي سبب ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ۾ سفر دوران محتاط رهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته اين ڊي ايم اي امڪاني خطرن جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن ۽ عوام کي اڳواٽ آگاهي يقيني بڻائي رهيو آهي.

مزید خبریں