اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾2 هزار روپيا في تولو جو اضافو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ في تولو سون جو اگهه 4 لک 72 هزار 862 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن في تولو سون جي اگهه ۾ 2 هزار روپين جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ في تولو سون جو اگهه 4 لک 72 هزار …
ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾2 هزار روپيا في تولو جو اضافو رڪارڊ، نئون اگهه 4 لک 72 هزار 862 رپيا ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾2 هزار روپيا في تولو جو اضافو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ في تولو سون جو اگهه 4 لک 72 هزار 862 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن في تولو سون جي اگهه ۾ 2 هزار روپين جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ في تولو سون جو اگهه 4 لک 72 هزار 862 روپيا ٿي ويو جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جو اگهه 1715 روپين جي اضافي کان پوءِ 403،688 روپين مان وڌي 405،402 روپيا ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي اگهه ۾ 370 روپين جي اضافي سان نئون اگهه 371،632 روپيا ٿي ويو، اهڙي ريت في تولو چاندي جو اگهه 500 روپين جي اضافي کان پوءِ 7،705 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جو اگهه 428 روپين جي جي اضافي کان پوءِ 6،605 روپيا ٿي ويو. واضع رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه 4،485 ڊالرن مان وڌي 4،505 ڊالرز ٿي ويو آهي.











