اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي 75 سيڪڙو شيئرز جي خريداريءَ لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيم سڀ کان وڌيڪ 135 ارب رپين جو واڪ ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. ڪالهه نجڪاري ڪميشن جي انتظام هيٺ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي) جي 75 سيڪڙو شيئرز جي وِڪري لاءِ واڪ جي عمل ۾ 3 ڪنسورشيم واڪ جمع ڪرايا هئا، پهرين ڪنسورشيم ۾ لڪي …
پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري مڪمل، عارف حبيب ڪنسورشيم سڀ کان وڌيڪ 135 ارب رپين جو واڪ ڏئي ڪامياب قرار

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي 75 سيڪڙو شيئرز جي خريداريءَ لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيم سڀ کان وڌيڪ 135 ارب رپين جو واڪ ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. ڪالهه نجڪاري ڪميشن جي انتظام هيٺ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي) جي 75 سيڪڙو شيئرز جي وِڪري لاءِ واڪ جي عمل ۾ 3 ڪنسورشيم واڪ جمع ڪرايا هئا، پهرين ڪنسورشيم ۾ لڪي سيمينٽ لميٽيڊ، حب پاور هولڊنگز لميٽيڊ، ڪوهاٽ سيمينٽ لميٽيڊ ۽ ميٽرو وينچرز شامل آهن، ٻئي ڪنسورشيم ۾ عارف حبيب ڪارپوريشن، فاطمه فرٽيلائزر، سٽي اسڪولز پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ ليڪ سٽي هولڊنگز شامل هئا، جڏهن ته ٽئين ڪنسورشيم ۾ ايئر بليو پرائيويٽ لميٽيڊ شامل هئي. ٽنهي ڪنسورشيم طرفان ڏنل واڪ ٻنپهرن جو 4 وڳي کوليا ويا. لڪي سيمينٽ ڪنسورشيم طرفان 101.5 ارب رپين جو واڪ لڳايو ويو، ايئر بليو طرفان 26.5 ارب رپين جو واڪ جڏهن ته عارف حبيب ڪنسورشيم طرفان سڀ کان وڌيڪ 115 ارب رپين جو واڪ ڏنو ويو. حڪومت طرفان گهٽ ۾ گهٽ قيمت (ريفرنس پرائيس) 100 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي هئي. پهرئين مرحلي ۾ لڪي سيمينٽ ۽ عارف حبيب ڪنسورشيم ڪامياب قرار ڏنا ويا. ٻئي مرحلي لاءِ گهٽ کان گهٽ قيمت 115 ارب رپيا هئا، واڪ لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيم ۽ لڪي سيمينٽ ڪنسورشيم اهل قرار ڏنا ويا، کُليل واڪ لڪي سيمينٽ طرفان 115.5 ارب رپين جو واڪ شروع ٿيو جيڪو وڌندي وڌندي عارف حبيب ڪنسورشيم طرفان 121 ارب رپين تائين پهتو، ان مرحلي تي لڪي سيمينٽ جي درخواست تي واڪ جي عمل ۾ وقفو ڪيو ويو. وقفي کان پوءِ لڪي سيمينٽ طرفان 125 ارب رپين جو واڪ ڏنو ويو جيڪو وڌندي عارف حبيب گروپ طرفان 135 ارب رپين تائين پهتو. ان موقعي تي لڪي ڪنسورشيم طرفان عارف حبيب گروپ جي قيادت ۾ ڪنسورشيم کي مبارڪون ڏنيون، جنهن کان پوءِ واڪ ڪاميابيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتو. ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ به ان موقعي تي موجود هئا. ناڻي واري وزير پنهنجي مختصر خطاب ۾ پي آءِ اي جي شيئرز جي نيلاميءَ جي ڪامياب عمل تي نجڪاري ڪميشن ۽ نيلاميءَ ۾ حصو وٺندڙ مقامي سيڙپڪارن کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته واڪ جو عمل شفاف طريقي سان اڳتي وڌائي رهيا آهيون ۽ اها ڳالهه نهايت سٺي آهي ته پي آءِ اي جي شيئرز جي وِڪري ۾ سڀ مقامي سيڙپڪار اڳتي آيا آهن، اها پاڪستان جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ جي ان عمل کانپوءِ پي آءِ اي پنهنجي وڃايل ساک حاصل ڪندو پر ان سان ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ به واڌ ٿيندي. هن چيو ته ڍانچه جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، نجڪاري ان عمل جو حصو آهي، پهريان فرسٽ وومين بئنڪ جي ڪامياب نجڪاري ٿي هئي ۽ هاڻ پي ٽي آءِ جي شيئرز جي نيلاميءَ جو عمل ڪاميابيءَ سان جاري آهي. هن چيو ته اسان کي نقصانن کي گهٽ ڪري پنهنجن ادارن کي عالمي معيار موجب وٺي وڃڻو پوندو. اسان کي يقين آهي ته مقامي سيڙپڪار اڳيان ايندا ته پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته ريڪوڊڪ سميت منرل اينڊ مائنز ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ٿي آهي ۽ مستقبل ۾ ان ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي. هن چيو ته ناڻي وزارت نجڪاريءَ جي عمل ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. ان کان اڳ واڪ کولڻ جي تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ ۽ قومي تراني سان ٿي. وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمدعلي ان موقعي تي چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا جو اهم حصو آهي ۽ اميد آهي ته ان عمل جي ڪامياب پڄاڻيءَ کان پوءِ نجڪاري ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ راهون هموار ٿينديون. هن چيو ته حڪومت اپريل 2025ع ۾ پي آءِ اي جا 51 سيڪڙو کان 100 سيڪڙو تائين جا شيئرز وِڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان روشنيءَ ۾ اسان سمورن واڪ ڏيندڙن سان رابطو ڪيو. واڪ ڏيندڙن جي تجويزن جي روشنيءَ ۾ شروعاتي طور 75 سيڪڙو شيئرز وِڪرو ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ان ۾ به باقي 25 سيڪڙو حاصل ڪرڻ جو آپشن رکيو ويو هو. هن چيو ته ڪامياب واڪ ڏيندڙ 75 سيڪڙو شيئرز جو 92.5 سيڪڙو پي آءِ ۾ لڳائيندو جڏهن ته 7.5 سيڪڙو شيئرز پرائيس جي صورت ۾ حڪومت وٽ هوندا. انهن قدمن جو مقصد پي آءِ اي ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪرڻ آهي، اسان جي خواهش آهي ته پي آءِ اي ۾ نئين سيڙپڪاري ٿئي. 18 جهازن جي ٻيڙي ۾ واڌ ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪامياب واڪ ڏيندڙن لاءِ طريقيڪار به واضح ڪيو ويو هو. 67 سيڪڙو ادائگي 90 کان 120 ڏينهن ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته باقي ادائگي هڪ سال جي مُدي ۾ ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت ٽرانزيڪشن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ طريقيڪار اختيار ڪيو آهي ۽ ليٽر آف ڪريڊٽ پهرين کان حاصل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪامياب واڪ ڏيندڙ عالمي ايئر لائن جهڙي ڪنهن مضبوط گروپ کي شامل ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاريءَ جو عمل شفاف ۽ چٽاڀيٽي وارو رکيو ويو آهي. واڪ ڏيندڙن لاءِ ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ اشتهار ڏنا ويا هئا.











