راولپنڊي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گذريل ڏينهن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جو دورو ڪيو. اين ڊي يو آمد تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. دوري دوران فيلڊ مارشل کي اين ڊي يو ۾ جاري نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي سول ۽ فوجي شرڪت ڪندڙن تي ٻڌل پينلز قومي سلامتي جي …
چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جو دورو

مزید خبریں
راولپنڊي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گذريل ڏينهن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جو دورو ڪيو. اين ڊي يو آمد تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. دوري دوران فيلڊ مارشل کي اين ڊي يو ۾ جاري نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي سول ۽ فوجي شرڪت ڪندڙن تي ٻڌل پينلز قومي سلامتي جي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي جي حوالي سان پنهنجي تعليمي ۽ تجزياتي بريفنگ ڏني. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بدلجندڙ عالمي، علائقائي ۽ اندروني سيڪيورٽي ماحول تي تفصيلي روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان کي هر طرف ۽ مسلسل نوعيت جا چئلينجز درپيش آهن. هن واضح ڪيو ته چئلينجز روايتي، غير روايتي، انٽيليجنس، سائبر، اطلاعاتي،عسڪري ۽ معاشي سميت ڪيترن ئي شعبن تي ٻڌل آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع گهڻ رخي تياري، مسلسل جدت ۽ قومي قوت جي سمورن عنصرن وچ ۾ مڪمل هم آهنگي اڻٽر آهي. فيلڊ مارشل چيو ته دشمن عنصر سڌيءَ ريت تڪرار بجاءِ اڻ سڌيءَ ريت ۽ مبهم طريقيڪار اختيار ڪري رهيا آهن، جن ۾ پراڪسيز جو استعمال ۽ داخلي ڪمزورين مان فائدو کڻڻ شامل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مستقبل جي قيادت کي اهڙن پيچيده ۽ گهڻ سطحي فڪري چئلينجز کي پهچائڻ، سمجهڻ ۽ اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن غير يقيني وارين حالتن ۾ واضح فيصلي سازي، ذهني مضبوطي ۽ فڪري استقامت کي موجوده سيڪيورٽي ماحول ۾ ڪاميابي لاءِ اهم اوصاف قرار ڏنو. فيلڊ مارشل، اين ڊي يو جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اين ڊي يو هڪ ناميارو ادارو آهي جيڪو اهڙا اسٽريٽجڪ ٿنڪ ٽينڪس ۽ اڳواڻ تيار ڪري رهيو آهي جيڪي علمي بصيرت کي اثرائتي پاليسي سازي ۽ عملي نتيجن ۾ سمائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پيشيوراڻي عسڪري تعليم ادارا جاتي مضبوطي، مقامي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ۽ ڊگهي مدي واري قومي استحڪام لاءِ بنيادي ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿي. خطاب جي پڄاڻي تي فيلڊ مارشل پينلز جي گهري تجزيي ۽ نتيجن کي ساراهيو ۽ شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو ديانت، نظم و ضبط ۽ بي لوث خدمت جي قدرن کي برقرار رکندي هر وقت چوڪس ۽ ثابت قدم رهن.











