نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار حڪومت جي ڪارڪردگي خاص ڪري پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز جي آپريشنز جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي اعليٰ سطحي بين الوزارتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي پنهنجي ڪم ۽ ان جي نتيجن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم  پاڪستان جي سفارتي نقش کي …

اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار حڪومت جي ڪارڪردگي خاص ڪري پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز جي آپريشنز جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي اعليٰ سطحي بين الوزارتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي پنهنجي ڪم ۽ ان جي نتيجن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم  پاڪستان جي سفارتي نقش کي مضبوط بڻائڻ، مشن جي نتيجن کي قومي اسٽريٽجڪ مقصدن سان مڪمل طور تي هم آهنگ ڪرڻ ۽ سمورن لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن وچ ۾ بهتر هم آهنگي ذريعي پرڏيهه ۾ اداره جاتي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس م پيٽروليم واري وزير، ريلوي واري مملڪتي وزير، قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين، وزيراعظم جي خاص مددگار ايم طارق باجوه ، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ڪابينه، اسٽيٻلشمينٽ ڊويزن، ڪامرس، گهرو، ايڇ ار اينڊ ڊي ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽريز کان علاوه ناڻي، سڌ سماءَ ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.