وفاقي وزير ڄام ڪمال خان  سان ايران جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وارن قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  واپار واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ايران جي سفير کي پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل اقتصادي …

اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وارن قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  واپار واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ايران جي سفير کي پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل اقتصادي ڪميشن جو 22هون اجلاس ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ ايران جي ڪمپنين ۽ سرڪاري ادارن کي ”فوڊ ايگ“ نمائش ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. جيڪا 25 کان 27 نومبر 2025ع تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر م منعقد ٿيندي. هن چيو ته اها نمائش بنهي ملڪن جي واپاري طبقي لاءِ زرعي ۽ غذائي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري جا نوان موقعا فراهم ڪندي، ڄام ڪمال خان تجويز ڏني ته بلوچستان جي وزيراعليٰ ۽ زاهدان جي گورنر جي اعليٰ سطحي ملاقاتن جو بندوبست ڪيو وڃي، ته جيئن سرحدي علائقن ۾ واپار ۽ عوامي ڀلائي کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي معاملن، ريلوي ۽ مواصلات وارن وزارتن کي به ايران ۾ دعوت ڏني وڃي ته جيئن گڏيل سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو وڃي. ايران جي سفير رضا اميري مقدم ٻه طرفه واپار ۾ ٿيل اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ايران پاڪستان کان 4 لک ٽن چانورن جو آمدني واپار مڪمل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هاڻي هو چوپائي مال جي خوراڪ ۽ مڪئي جي خريداري لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته گذريل هڪ سال دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڪاري اڳڀرائي سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن ايران جي سفير جو ٿورو مڃيو ته هن پاڪستان پاران بارٽر ٽريڊ ميڪانزم ۾ ڪيل ترميمن جي تعريف ڪئي. جنهن سان ڪاروباري سهولتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ڄام ڪمال خان ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ آزاد واپاري معاهدو (ايف ٽي اي) جي مسودي جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ جلد ان کي باضابطا منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. ايران جي سفير ان اڳڀرائي جي آجيان ڪندي ٻڌايو ته ڪوئٽا ۽ زاهدان وچ ۾ اڏامون بحال ٿي چڪيون آهن، جنهن سان عوامي رابطن ۽ واپار کي هٿي ملندي. ٻنهي اڳواڻن ڀائراڻن لاڳاپن  ۽ گڏيل ثقافتي ۽ تاريخي رشتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته 2028ع تائين ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 10 ارب امريڪي ڊالر ساليانو تائين پهچايو ويندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته واپار واري وزارت لاڳاپيل ادارن سميت ايف بي آر ۽ مواصلات واري وزارت سان ايراني ٽرڪن کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ دوران درپيش مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن پاڪ ايران گڏيل بزنس ڪائونسل کي فعال ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. ڄام ڪمال خان منڊ-پشين سرحدي بازار جي 30 جولاءِ  2025ع تي فعال ٿيڻ جي آجيان ڪندي چيو ته چيگدي- ڪوهڪ ۽ گبد- ريمدان جي گڏيل سرحدي بازارن کي به جلد فعال ڪيو ويندو. هنن نان ٽيرف رڪاوٽن ۾ گهٽتائي ۽ ٻنهي ملڪن جي قرنطينه ادارن وچ ۾ ويجهي سهڪار جي ضرورت تي به زور ڀريو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ختم ٿي. جنهن ۾ ٻنهي ڌرين ٻه طرفه واپاري سيڙپڪاري، ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير، ايران جي واپارين کي ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ فوڊ ايگ نمائش ۾ شرڪت جي دعوت ٻيهر ڏيندي چيو ته اهو سهڪار ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ترقي جا نوان باب رقم ڪندو.