اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير امير مقام گلگت بلتستان جي عوام کي يوم آزادي جي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪ ڏيندي چيو آهي، ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي کي پهرين ترجيح ڏئي ٿي. گلگت بلتستان سياحت جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو. گلگت بلتستان جي يوم آزادي جي …
وفاقي وزير امير مقام پاران گلگت بلتستان جي عوام کي يوم آزادي جي موقعي تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير امير مقام گلگت بلتستان جي عوام کي يوم آزادي جي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪ ڏيندي چيو آهي، ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي کي پهرين ترجيح ڏئي ٿي. گلگت بلتستان سياحت جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو. گلگت بلتستان جي يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اهو هڪ منفرد اعزاز آهي، ته گلگت بلتستان جا ماڻهو پنهنجي وطن جي آزادي جو ڏينهن ٻه ڀيرا ملهائيندا آهن. هڪ ڀيرو 14 آگسٽ ۽ ٻيو ڀيرو پهرين نومبر. ان ڏينهن کي گلگت بلتستان جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل سمجهيو ويندو آهي. هن چيو ته خوشي جي انهي موقعي تي اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پڻ ياد ڪيون ٿا، جيڪي پنهنجي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان پاڪ فوج جو پڻ شڪريو ادا ڪيون ٿا، پاڪ فوج اسان جي سرحدن ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪري ٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي کي اولين ترجيح ڏئي ٿي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي دورن ۾ گلگت بلتستان ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.











