شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شرم الشيخ ۾ غزه امن ڪانفرنس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعتي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۽ فلسطين ۾ امن، استحڪام ۽ انساني امداد جي فوري ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غزه …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعتي سان ملاقات
شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شرم الشيخ ۾ غزه امن ڪانفرنس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعتي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۽ فلسطين ۾ امن، استحڪام ۽ انساني امداد جي فوري ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غزه امن ڪانفرنس جي ميزباني، خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ استحڪام آڻڻ جي لاءِ مصر جي اهم سفارتي ڪوششن تي ٿورا مڃيا.








