هنوئي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ويٽنام ۾ هلندڙ سال جي پهرين 9 مهينن دوران آيل سياحن جو انگ هڪ ڪروڙ 54 لک ٿي ويو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 21.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيشنل اسٽيٽسٽڪس آفيس جي جاري ڪيل انگ اکرن مطابق ان عرصي ۾ هوائي رستي کان آيل سياحن جو انگ هڪ ڪروڙ 31 لک رهيو، جيڪو سياحن جي ڪل انگ جو 85.2 …
ويٽنام ۾ هلندڙ سال پرڏيهي سياحن جو انگ ڏيڍ ڪروڙ کان وڌي ويو
هنوئي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ويٽنام ۾ هلندڙ سال جي پهرين 9 مهينن دوران آيل سياحن جو انگ هڪ ڪروڙ 54 لک ٿي ويو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 21.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيشنل اسٽيٽسٽڪس آفيس جي جاري ڪيل انگ اکرن مطابق ان عرصي ۾ هوائي رستي کان آيل سياحن جو انگ هڪ ڪروڙ 31 لک رهيو، جيڪو سياحن جي ڪل انگ جو 85.2 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 13.6 سيڪڙو خشڪي ۽ 1.2 سيڪڙو سمنڊ جي رستي کان نيپال پهتو. رپورٽ مطابق وڌيڪ سياح ايشيا کان آيا جن جو انگ هڪ ڪروڙ 22 لک کان وڌيڪ رهيو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 20.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نيشنل اسٽيٽسٽڪس آفيس مطابق سازگار ويزا پاليسين، سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هلائيندڙ پروگرامن ۽ قومي موڪلن جي موقعي تي مختلف تقريبون ويتنام ۾ پرڏيهي سياحن جي وڌندڙ انگ کي پنهنجي طرف ڌيان ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.








