مسافر ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ اوپن آڪشن ذريعي ڪئي ويندي: محمد حنيف عباسي

لاهور-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حيف عباسي جي صدارت ۾ ريلويز هيڊ ڪوارٽرز لاهور ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريلوي جي بهتري ۽ سڌارن جي حوالي سان ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا. ريلوي ترجمان موجب اجلاس ۾ طئي ٿيو ته مسافر ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ اوپن آڪشن ذريعي ڪئي ويندي ۽ اهو فيصلو تازي آئوٽ سورسنگ تي به لاڳو ٿيندو. سالياني آمدني جي …

لاهور-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حيف عباسي جي صدارت ۾ ريلويز هيڊ ڪوارٽرز لاهور ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريلوي جي بهتري ۽ سڌارن جي حوالي سان ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا. ريلوي ترجمان موجب اجلاس ۾ طئي ٿيو ته مسافر ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ اوپن آڪشن ذريعي ڪئي ويندي ۽ اهو فيصلو تازي آئوٽ سورسنگ تي به لاڳو ٿيندو. سالياني آمدني جي بينچ مارڪ تي نظرثاني جي منظوري به ڏني وئي ۽ ان مقصد لاءِ هڪ خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ٽرين آپريشن کي محفوظ بنائڻ لاءِ سيفٽي ڊپارٽمينٽ کي بااختيار ڊائريڪٽوريٽ جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ عملي ۽ آفيسرن جون بدليون به ڪيون ويون. اجلاس دوران گارڊز ۽ ڊرائيورز جي رننگ رومز جي حالت تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته گارڊز ۽ ڊرائيورز ريلوي جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، سندن ڪمرا، ڪچن ۽ واش رومز بهترين معيار جا هئڻ گهرجن. ريلوي واري وزير هدايت ڪئي ته جديد طرز تي ماڊل رننگ رومز تعمير ڪيا وڃن ۽ ان جي شروعات روهڙي، خان پور ۽ خانيوال کان ڪئي وڃي. ان رننگ رومز ۾ ايئرڪنڊيشننگ سان گڏ ڪچن ۽ ڪامن ڊائيننگ رومز جي سهولت به فراهم ڪئي وڃي. اجلاس ۾ مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ کي ڏنل هدفن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو جنهن تي ريلوي واري وزير اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته 30 مارچ تائين 295 هاءِ ڪيپسٽي فريٽ ويگنون ريلوي سسٽم ۾ شامل ڪيون وينديون. فريٽ جي سموري بڪنگ ايندڙ هفتي کان آن لائن ڪئي ويندي. شاليمار ايڪسپريس جا سمورا اي سي اسٽينڊرڊ ۽ اي سي پارلر ڪوچز نوان شامل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته لاهور ۽ راولپنڊي وچ ۾ هلندڙ ريل ڪارن جي ري فرنشڊ ڪوچون 11 نومبر تائين سسٽم ۾ شامل ڪيون وينديون. اهڙيءَ طرح لاهور- نارووال سيڪشن جي ٽرينن جا چارئي ريڪ 8 جنوريءَ تي موصول ٿي ويندا. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته وسيلا محدود آهن پر عزم وڏو آهي، پاڪستان ريلوي درست رُخ تي گامزن آهي ۽ جلد نمايان نتيجا عوام آڏو ايندا.

مزید خبریں