اسلام آباد - 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرندڙ دنيا ۾ عوامي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ گلوبل فنڊ جي نمايان ڪردار ۽ تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان گلوبل فنڊ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هو گلوبل فنڊ جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت گلوبل فنڊ جي گرانٽ مئنيجمينٽ ڊويزن …
پاڪستان گلوبل فنڊ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرندڙ دنيا ۾ عوامي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ گلوبل فنڊ جي نمايان ڪردار ۽ تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان گلوبل فنڊ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هو گلوبل فنڊ جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت گلوبل فنڊ جي گرانٽ مئنيجمينٽ ڊويزن جي مارڪ ايڊينگٽن ڪري رهيو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ سينيئر پورٽ فولو مئنيجر ازيسڪن گويريا ۽ ڊپٽي جنرل قونصلر نتاشا هيفنڪ شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گلوبل فنڊ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اسرندڙ دنيا ۾ عوامي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ گلوبل فنڊ جي نمايان ڪردار ۽ تعاون کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هيلٿ ڪيئر جي نظام جي بهتري ۾ گلوبل فنڊ پاڪستان جو انتهائي اهم حصيدار آهي، حڪومت ملڪ مان ٽي بي، ايڇ آءِ وي ۽ مليريا جي ڦهلاءُ جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان حوالي سان ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم وفد کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي حصيداري سان پاڪستان مان ايڇ آءِ وي، ٽي بي ۽ مليريا جي خاتمي جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سگهه ملي رهي آهي. وزيراعظم ايڇ آءِ وي وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان حڪومت ۽ گلوبل فنڊ جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. قومي صحت واري وزارت جي عملدارن وفد کي پاڪستان ۾ ٽي بي، ايڇ آءِ وي ۽ مليريا جي روڪٿام جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان ۾ ميزباني تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا. وفد ٽي بي، ايڇ آءِ وي ۽ مليريا جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ ان مرض جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ پنهنجي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قومي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.










