وزيراعظم پاران زرعي سڌارن جي حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ مان ماهرن ۽ لاڳاپيل ڌرين تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت

اسلام آباد - 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت جي بحالي ۾ زرعي شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي زرعي سڌارن جي حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ مان ماهرن ۽ لاڳاپيل ڌرين تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان زرعي شعبي جي ڌرين جي وفد ملاقات ڪئي. …

اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت جي بحالي ۾ زرعي شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي زرعي سڌارن جي حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ مان ماهرن ۽ لاڳاپيل ڌرين تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان زرعي شعبي جي ڌرين جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ آبادگار تنظيمن، ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ، ويليو ايڊيڊ سيڪٽر، ٻج ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ قومي ۽ ملٽي نيشنل ادارن جا نمائندا شامل هئا. مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ کان اڳ ان ملاقات جو مقصد بجيٽ جي حوالي سان زرعي شعبي جي ڌرين سان مشاورت هئي. بيان موجب شرڪت ڪندڙن موجوده علائقائي صورتحال ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۾ امن ڪوششن کي ساراهيو. شرڪت ڪندڙن تازي متعارف ڪرايل سيڊ پاليسي ۽ زرعي سڌارن جي آجيان ڪئي ۽ ان کي زرعي شعبي جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏنو. وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي معيشت کي بحال ڪرڻ ۾ زرعي شعبو انقلابي تبديلي آڻڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته چين جي اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي تعاون سان پي اي آر سي کي زرعي تحقيق ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ جديد رخن تي قائم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم زرعي شعبي جي پائيدار ترقي ۽ زرعي سڌارن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ مان ماهرن ۽ لاڳاپيل ڌرين تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ موثر رابطن ۽ وفاقي ۽ صوبائي پاليسين ۽ ضابطن ۾ هم آهنگي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ، موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ هائبرڊ ٻجن جي فروغ، باغباني جي ترقي، زرعي ميڪانائيزيشن ۽ ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ صوبا خاص طور تي بلوچستان جامع منصوبو پيش ڪري، نئين سر جوڙيل ڪاٽن بورڊ جو فوري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن پاران ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي فروغ جي لاءِ پيش ڪيل تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي پائيدار ترقي، غذائي تحفظ ۽ قومي معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ۽ تعاون جاري سلسلو جاري رکندي. وفد کي حڪومت پاران زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀلائي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته زرخيزي اسڪيم تحت ننڍي آبادگارن کي بئنڪن پاران هڪ ملين رپين تائين جا آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا پيا وڃن. آبادگارن کي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران رسڪ ڪوريج اسڪيم ۽ ڪراپ لاس انشورنس فراهم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ موجب ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جي لاءِ نيشنل اينيمل هيلٿ ايڪٽ ۽ نيشنل بريڊنگ پاليسي جا مسودا تيار ڪيا ويا آهن. بيان موجب وفد جي شرڪت ڪندڙن زرعي شعبي بابت پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وفد پاڪستان جي زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو ۽ حڪومت جي معاشي ۽ ترقياتي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفد ۾ ارشد اقبال، ذيشان بيگ، محمود نواز شاهه، عماد ملڪ، راڻا نسيم، احسن مصطفى باجوه، جهانگير ترين، فهد پٽيل، شهزاد امين، خضر عالم خان، آمنه آصف باجوه، ظهور حسين، عثمان ظهير، احمد قادر، آفاق ٽوانه، شوڪت رسول ۽ خالد کوکر شامل هئا. ملاقات ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس لغاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير خالد مگسي، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير محمد معين وٽو، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.

مزید خبریں