وزيراعظم شهباز شريف پاران بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي نآل ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان ڪارروائي ۾ فتنه الهندستان جي 14 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم ان ڪارروائي دوران دهشتگردن جو ڀرپور …

اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي نآل ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان ڪارروائي ۾ فتنه الهندستان جي 14 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم ان ڪارروائي دوران دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي لانس حوالدار محمد عباس کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد محمد عباس جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. وزيراعظم ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.

مزید خبریں