صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 09 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي نآل، ضلعي خضدار ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته وقت سر ۽ موثر ڪارروائي جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا ڪڌا ارادا ناڪام بڻائڻ رياستي …

اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي نآل، ضلعي خضدار ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته وقت سر ۽ موثر ڪارروائي جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا ڪڌا ارادا ناڪام بڻائڻ رياستي ادارن جي پيشيواراڻي صلاحيت ۽ قومي عزم جو مظهر آهي. ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 14 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تي صدر سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ قرباني کي ساراهيندي چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف ڪارروايون قومي سلامتي جي تحفظ جي ضمانت آهن. صدر آصف علي زرداري لانس حوالدار محمد عباس جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ جي بهادر فرزندن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

مزید خبریں