فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ شيخ محمد بن عيسيٰ جي ملاقات

راولپنڊي- 09 جون (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار …

راولپنڊي- 09 جون (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي معزز شخصيتن پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي عسڪري سطح تي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان کان اڳ بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان به ڌار ڌار ملاقات ڪئي. بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وچ ۾ نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻه طرفي دفاعي سهڪار ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. بحرين جي ڪمانڊر خطي ۾ گڏيل بحري سلامتيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪ بحريه جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي ان کي علائقائي بحري سلامتيءَ جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ادارو قرار ڏنو. بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو وچ ۾ ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات دوران چيف آف ايئر اسٽاف پاڪ فضائيه جي جديد ڪاريءَ جي ڪوششن تي روشني وڌي جنهن ۾ صلاحيتن ۾ واڌ، بنيادي ڍانچي جي ترقي، مقامي سطح تي تياري (انڊيجينائزيشن) ۽ جديد تربيتي سڌارا شامل آهن. ملاقات ۾ اڀرندڙ دفاعي ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڊرونز، مصنوعي ذهانت، پاڻڀرو نظام، جديد سينسرز ۽ ڊجيٽل جدت کان علاوه فضائيه جي دفاع کي درپيش نَون چئلينجز ۽ مربوط دفاعي نظامن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحريني ڪمانڊر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت، آپريشنل تياري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سندن خدمتن کي ساراهيو. هن پاڪستان جي هٿياربند فوج جي جديد ڪاري ۽ مقامي دفاعي صلاحيتن جي به تعريف ڪئي ۽ تربيت، جديد ٽيڪنالاجيز ۽ سگهه وڌائڻ جي شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هي دؤرو پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ مضبوط ۽ جٽادار دفاعي ڀائيواري جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اميد آهي ته ان سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي.

مزید خبریں