سيڪيورٽي فورسز جو بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن، خضدار ضلعي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 14 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو

راولپنڊي- 09 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 14 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وطن جو بهادر پُٽ لانس حوالدار محمد عباس شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 8 جون تي ڳجهو اطلاع مليو ته ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگرد بلوچستان …

راولپنڊي- 09 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 14 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وطن جو بهادر پُٽ لانس حوالدار محمد عباس شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 8 جون تي ڳجهو اطلاع مليو ته ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگرد بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي نال ۾ موجود آهن. اطلاع موجب اهي دهشتگرد ويجهي پوليس اسٽيشن ۽ بئنڪن تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بنائڻ لاءِ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي فوري آپريشن شروع ڪيو. آپريشن دوران دهشتگردن جي چُرپر کي اثرائتي انداز ۾ روڪيو ويو ۽ سيڪيورٽي فورسز ڀرپور ڪارروائي ڪندي کين نشانو بڻايو. ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي حمايت يافته 14 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي دهشتگرد زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي دهشتگردن جي استعمال هيٺ چئن گاڏين ۽ ديسي بناوتي بارودي مواد (آءِ اي ڊيز) به موقعي تي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وطن جو هڪ بهادر پُٽ لانس حوالدار محمد عباس انتهائي دليريءَ سان وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ شهادت جو رتبو حاصل ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وفاقي ايپڪس ڪميٽيءَ جي منظور ڪيل عزم استحڪام ويزن تحت دهشتگرديءَ خلاف پنهنجي مسلسل مهم پوري رفتار سان جاي رکندا ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگرديءَ جي ناسُور جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.

مزید خبریں