تهران-18 سيپٽمبر(اي پي پي) ايران آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي تنقيد رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ هن ايران جي ميزائل پروگرام کي ناقابل قبول خطرو قرار ڏنو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي ترجمان اسماعيل بقائي صحافين سان ڳالهيائيندي چيو ته آمريڪا کي اهڙي قوم جي دفاعي صلاحيتن تي تبصرو نه ڪرڻ گهرجي جنهن ڪنهن به قيمت تي پنهنجي آزادي کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هجي. هن …
ايران ميزائل پروگرام تي آمريڪي تنقيد رد ڪري ڇڏي

مزید خبریں
تهران-18 سيپٽمبر(اي پي پي) ايران آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي تنقيد رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ هن ايران جي ميزائل پروگرام کي ناقابل قبول خطرو قرار ڏنو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي ترجمان اسماعيل بقائي صحافين سان ڳالهيائيندي چيو ته آمريڪا کي اهڙي قوم جي دفاعي صلاحيتن تي تبصرو نه ڪرڻ گهرجي جنهن ڪنهن به قيمت تي پنهنجي آزادي کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هجي. هن اسرائيل طرف اشارو ڪندي چيو ته ميزائل پروگرام ايران جي آمريڪا ۽ يهودي حڪومت جي لالچ ، جارحيت ۽ حملن خلاف بيهڻ جو ذريعو هيو.










