اسرائيل پاران غزه تي زميني حملو، 100 فلسطيني شهيد، گڏيل قومن پاران حملو نسل ڪشي قرار

گڏيل قومون-17 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل گذريل ڏينهن غزه شهر تي وڏي وقت کان منصوبابندي تحت زميني حملو شروع ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٽينڪن، ڊورن گاڏين ۽ ڳرن هٿيارن سان ليس بڪتر بند گاڏيون استعمال ڪيون ويون آهن. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جي رپورٽ جي باوجود اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسرائيلي فوج عالمي دٻاءُ کي نظرانداز ڪندي شديد حملا شروع  ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي قدم …

گڏيل قومون-17 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل گذريل ڏينهن غزه شهر تي وڏي وقت کان منصوبابندي تحت زميني حملو شروع ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٽينڪن، ڊورن گاڏين ۽ ڳرن هٿيارن سان ليس بڪتر بند گاڏيون استعمال ڪيون ويون آهن. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جي رپورٽ جي باوجود اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسرائيلي فوج عالمي دٻاءُ کي نظرانداز ڪندي شديد حملا شروع  ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي قدم نسل ڪشي ڪنوينشن تحت اچن ٿا. اسرائيل رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم نيتن ياهو ” آبادي جو نڪرڻ ۽ دشمن جي شڪست“ کي جنگ جو هدف قرار ڏنو جڏهن ته يرغمالين جو ذڪر ڪرڻ ڇڏي ڏنو جنهن تي اسرائيلي عوام سراپا احتجاج بڻجي ويا. يونيسف مطابق لکين ٻارن کي هڪ جهنم کان نڪري ٻئي جهنم طرف ڌڪيو پيو وڃي. يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جنگ فوري روڪڻ جي اپيل ڪئي آهي جڏهن ته اسرائيل عالمي اڪيلائي جي خطري جي باوجود حملا جاري رکيا آهن. واضح رهي ته فلسطيني طبي ذريعن مطابق اسرائيلي بمباري ۽ زميني حملن ۾ صرف اڱاري ڏينهن 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا جن مان 86 ڄڻن جا لاش غزه شهر جي اسپتالن ۾ آندا ويا، وڌيڪ 9 ڄڻا سينٽرل غزه ۽ 6 ڏاکڻن علائقن ۾ شهيد ٿيا. گڏيل قومن مطابق جنگ جي شروعات (آڪٽوبر 2023ع) کان هن وقت تائين 65000 جي لڳ ڀڳ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. 

مزید خبریں