گڏيل قومون-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازين سانوڻي جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 25 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿا چڪا آهن، ٻوڏ متاثر علائقن جي صورتحال شديد انساني بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، عالمي برادري کي ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪري. اها ڳالهه گڏيل …
پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 60 لک ماڻهو متاثر، 25 لک بي گهر ٿا چڪا آهن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازين سانوڻي جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 25 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿا چڪا آهن، ٻوڏ متاثر علائقن جي صورتحال شديد انساني بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، عالمي برادري کي ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪري. اها ڳالهه گڏيل قومون جي انساني معاملن واري اداري (او سي ايڇ اي) جي سربراهه ڪالوس گيها پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ رڪارڊ سانوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 25 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن. هن موجوده صورتحال کي ”شديد انساني بحران“ قرار ڏيندي فوري عالمي مدد ج اپيل ڪئي. ڪارلوس گيها چيو آهي ته پاڪستان جي علائقن پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ آيل ٻوڏ مقامي آبادي کي مڪمل طور تي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه اسان ڏسي رهيا آهيون اها صرف شروعات آهي، اصل تباهي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب جون جي آخر تائين ٿيل شديد برساتن سبب هن وقت تائين هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 250 ٻار به شامل آهن، ٻوڏ سبب وڌيڪ نقصان پنجاب کي پهتو آهي جتي ڀارت طرفان ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ دريائن تباهي مچائي ۽ 47 لک ماڻهو متاثر ٿيا. ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي چڪا، روڊ ۽ پليون تباهه ٿي ويا جڏهن ته 2.2 ملين هيڪٽر زرعي زمين به پاڻي هيٺ اچي وئي، ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت ۾ صرف سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ڪارلوس گيها چيو ته هي اهي آبادگار آهن جيڪي سڄي ملڪ جو پيٽ پاليندا آهن اڄ انهن وٽ نه زمين اهي، نه چوپايو مال ۽ نه ئي ڪو سهارو آهي. هن جو چوڻ هو ته گڏيل قومون فوري امداد جي لاءِ 5 ملين ڊالر جاري ڪيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 1.5 ملين ڊالر مقامي اين جي اوز کي ڏنا ويندا، جڏهن ته عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ٻهراڙي جا علائقا هاڻي به مڪمل طور تي ڪٽيل آهن جتي امدادي سامان صرف ٻيڙين يا هيلي ڪاپٽر ذريعي پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ سبب مليريا، ڊينگي ۽ پيٽ جون بيماريون پکڙجڻ جو خطرو وڌندو پيو وڃي جڏهن ته پاڻي، خوراڪ، دوائن ۽ پناهگاهن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته اصل چئلينج اڳيون مرحلو آهي جڏهن انهن متاثرن کي ٻيهر زندگي طرف واپس آڻڻو پوندو. هن عالمي برادري کي ياد ڏياريو ته پاڪستان جي غلطي ناهي پر اهي ملڪ جيڪي ماحولياتي تبديلي جا ذميوار آهن انهن کي ان بحران جي ذميواري کڻڻي پوندي.










