قطر ۾ اسرائيل جو هوائي حملو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي: گڏيل قومون

جنيوا -17 سيپٽمبر (اي پي پي )گڏيل قومن ۾ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ خبردار ڪيو آهي ته قطر ۾ اسرائيل جو هوائي حملو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي. انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته 9 سيپٽمبر تي دوحه ۾ ڳالهيون ڪندڙن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل جو حملو ٽياڪڙي ۽ ڳالهين واري عمل …

جنيوا -17 سيپٽمبر (اي پي پي )گڏيل قومن ۾ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ خبردار ڪيو آهي ته قطر ۾ اسرائيل جو هوائي حملو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي. انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته 9 سيپٽمبر تي دوحه ۾ ڳالهيون ڪندڙن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل جو حملو ٽياڪڙي ۽ ڳالهين واري عمل جي سلامتي لاءِ نقصانڪار آهي. هن ان جي مذمت ڪندي انساني حقن واري ڪائونسل ۽ حڪومت کان پڻ واقعي جي مذمت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.  هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو ته اسرائيلي حملو عالمي انساني حقن ۽ انساني قانون جي اصولن جي خلاف آهي. انهي لاءِ ٽياڪڙي جي عمل کي اهميت جي توثيق ۽ حملي ۾ فوتگين تي جواب طلب ڪرڻ ضروري آهي.

مزید خبریں