چين سان ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي: آمريڪا

واشنگٽن -17 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته چين سان ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق برطانيا جي دوري تي روانگي کان اڳ وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان جو چين سان ٽڪ ٽاڪ تي معاهدو طئي ٿي ويو آهي. جمعي ڏينهن چين جي صدر شي جن پنگ سان ڳالهيون ڪندس ته …

واشنگٽن -17 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته چين سان ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق برطانيا جي دوري تي روانگي کان اڳ وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان جو چين سان ٽڪ ٽاڪ تي معاهدو طئي ٿي ويو آهي. جمعي ڏينهن چين جي صدر شي جن پنگ سان ڳالهيون ڪندس ته جيئن سڀني معاملن جي تصديق ٿي وڃي. واضح رهي ته آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ گذريل ڏينهن چيو هو ته اسپين ۾ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ٿيل ڳالهين کان پوءِ طئي ٿيل معاهدي تحت ٽڪ ٽاڪ جي ملڪيت آمريڪا ۾ هوندي. هن چيو ته في الحال واپاري شرطن تي ڳالهيون نه ڪيون وينديون جڏهن ته ڳالهين دوران مستقبل ۾ گڏيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

مزید خبریں