رياض-17 سيپٽمبر(اي پي پي)سعودي حڪومت لڪسمبرگ پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري وزارت موجب مملڪت ان کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو آهي، جيڪو ٻه رياستي حل تي عمل درآمد سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي عمل کي مضبوط ڪندو. مملڪت هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري خاص طور پنهنجي ساٿي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي اهڙا …
سعودي عرب جي لڪسمبرگ پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان

مزید خبریں
رياض-17 سيپٽمبر(اي پي پي)سعودي حڪومت لڪسمبرگ پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري وزارت موجب مملڪت ان کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو آهي، جيڪو ٻه رياستي حل تي عمل درآمد سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي عمل کي مضبوط ڪندو. مملڪت هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري خاص طور پنهنجي ساٿي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي اهڙا قدم کڻن جيڪي فلسطيني عوام جي ڊگهي عرصي کان جاري مطالبن ۽ امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهن ۽ مسئلي جي منصفاڻي حل ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهن.










