ايراني صدر کي آمريڪا جو دورو ڪرڻ لاءِ ويزا ملي ويندي: ايران جو پرڏيهي وزير

 تهران-17 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته ويزا ۽ سفري انتظام جلد حل ڪيا ويندا  جڏهن ته ان حوالي سان ٻيون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ايراني وزير تصديق ڪئي ته جنرل اسيمبلي دوران ٻه طرفيُون ملاقاتون به ٿينديون ۽ تهران ان موقعي …

 تهران-17 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته ويزا ۽ سفري انتظام جلد حل ڪيا ويندا  جڏهن ته ان حوالي سان ٻيون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ايراني وزير تصديق ڪئي ته جنرل اسيمبلي دوران ٻه طرفيُون ملاقاتون به ٿينديون ۽ تهران ان موقعي جو فائدو وٺندو.اجلاس دوران گڏيل قومن جي قيام جي 80 هين سالگرهه پڻ ملهائي ويندي.

مزید خبریں