هندستان ۾ 13 سالن جي ڇوڪري آن لائين گيم ۾ پيءُ جي جمع پونجي هارائڻ کانپوءِ خُودڪشيءَ ڪري ڇڏي

ممبئي- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) هندستان جي رياست اتر پرديش جي گاديءَ واري هنڌ لکنؤ جي علائقي موهان لال گنج ۾ هڪ 13 سالن جي ڇوڪري آن لائين گيم ۾ پنهنجي پيءُ جا سڀ پئسا هارائڻ کانپوءِ خوف وچان پاڻ کي ڦاهو ڏئي خُودڪشيءَ ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس چيو ته گيم ۾ ڇوڪري 140,000 روپيا جيڪي اٽڪل 16,000 ڊالر ٿين ٿا هارائي ڇڏيا، اها سندس پيءُ جي …

ممبئي- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) هندستان جي رياست اتر پرديش جي گاديءَ واري هنڌ لکنؤ جي علائقي موهان لال گنج ۾ هڪ 13 سالن جي ڇوڪري آن لائين گيم ۾ پنهنجي پيءُ جا سڀ پئسا هارائڻ کانپوءِ خوف وچان پاڻ کي ڦاهو ڏئي خُودڪشيءَ ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس چيو ته گيم ۾ ڇوڪري 140,000 روپيا جيڪي اٽڪل 16,000 ڊالر ٿين ٿا هارائي ڇڏيا، اها سندس پيءُ جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ڪل رقم هئي. پوليس موجب آن لائين گيم ۾ ڄاڻايل رقم هارائڻ کان پوءِ ڇوڪري پنهنجي ڪمري ۾ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏئي ڇڏيو. ڇوڪري پاران خُودڪشيءَ جي خبر ان وقت پئي جڏهن سندس ڀيڻ شام جو ڪمري ۾ وئي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي لڙڪيل ڏٺو، جنهن کان پوءِ گهر وارن فوري طور کيس هيٺ لاٿو ۽ ڪميونٽي هيلٿ سينٽر پهچايو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.

مزید خبریں