اسرائيلي وزيراعظم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جاري نٿو رکي سگهي،کيس حساب ڏيڻو پوندو : قطر

دوحا-17 سيپٽمبر (اي پي پي )قطر چيو آهي ته  اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جاري نٿو رکي سگهي ۽ کيس ان جو حساب ڏيڻو پوندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسرائيل جي تازي فوجي جارحيت کي نظر ۾ رکندي چئي. هن چيو ته غزه بابت ڳالهيون في الحال حقيقت پسنداڻيون نظر نه ٿيون اچن. هن زور ڏنو ته گذريل …

دوحا-17 سيپٽمبر (اي پي پي )قطر چيو آهي ته  اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جاري نٿو رکي سگهي ۽ کيس ان جو حساب ڏيڻو پوندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسرائيل جي تازي فوجي جارحيت کي نظر ۾ رکندي چئي. هن چيو ته غزه بابت ڳالهيون في الحال حقيقت پسنداڻيون نظر نه ٿيون اچن. هن زور ڏنو ته گذريل هفتي اسرائيلي حملي قطر ۽ آمريڪا وچ ۾ دفاعي معاهدي جي تجديد جي ضرورت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان وضاحت ڪئي ته قطر جا آمريڪا سان لاڳاپا خاص طورتي دفاعي سطح تي اسٽريٽجڪ ۽ خاص نوعيت جا آهن. هن چيو ته  قطر جي امير  شيخ تميم بن حمد آل ثاني آمريڪي وزير سان تازي اسرائيلي حملي بعد دفاعي سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ ڳالهيون ڪيون.

مزید خبریں