سيئول-17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي هڪ عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ مرڪزي اپوزيشن پيپلز پاور پارٽي جي سينيئر ميمبر قون سونگ دونگ خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو قدم اڳوڻي صدر يون سوڪ يول جي زال ڪم ڪون ئي سان لاڳاپيل بدعنواني جي هڪ وڏي ڪيس جي جاچ تحت کنيو ويو آهي. وارنٽ سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ پاران جاري ڪيا ويا …
ڏکڻ ڪوريا ۾ڪرپشن ڪيس ۾ مرڪزي اپوزيشن پيپلز پاور پارٽي جي سينيئر ميمبر جا گرفتاري وارنٽ جاري

مزید خبریں
سيئول-17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي هڪ عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ مرڪزي اپوزيشن پيپلز پاور پارٽي جي سينيئر ميمبر قون سونگ دونگ خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو قدم اڳوڻي صدر يون سوڪ يول جي زال ڪم ڪون ئي سان لاڳاپيل بدعنواني جي هڪ وڏي ڪيس جي جاچ تحت کنيو ويو آهي. وارنٽ سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ پاران جاري ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته قون سونگ دونگ تي الزام آهي ته هن جنوري 2022ع ۾ صدارتي چونڊن کان اڳ يونيفيڪشن چرچ جي هڪ اڳوڻي عهديدار کان غير قانوني سياسي فنڊ حاصل ڪيا ۽ چرچ جي ميمبرن جي ووٽ جو وعدو ورتو. بدلي ۾ کيس چرچ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.










