اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران قطر سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي جارحيت جي مقابلي ۾ امت جي صفن ۾ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي وچ ۾ هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٻطرفي ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان ۾ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران قطر سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي جارحيت جي مقابلي ۾ امت جي صفن ۾ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي وچ ۾ هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٻطرفي ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان پاران 9 سيپٽمبر تي قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قطر جي لاءِ پنهنجي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي جارحيت جي مقابلي ۾ امت جي صفن ۾ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته دوحا عرب اسلامڪ سمٽ مسلمان دنيا پاران هڪ مضبوط ۽ متفقه پيغام ڏنو آهي ته اسرائيل جي جارحيت وڌيڪ برداشت نه ڪئي ويندي. گذريل مهيني ايراني صدر پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم جي ايران سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر پيز شڪيان فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي مضبوط موقف کي ساراهيندي پاڪستان ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن تيزي سان بدلجندڙ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.










