ايمي ايوارڊز تقريب ۾ آمريڪي اداڪاره هنه آئنبائنڊر فري فلسطين جو نعرو لڳايو

لاس اينجلس -16 سيپٽمبر (اي پي پي) ايمي ايوارڊز دوران ڪيترن ئي فنڪارن غزه جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ايوارڊ ونر ڪاميڊي سيريز هيڪس جي اداڪاره هنه آئنبائينڊر اسٽيج تي خطاب ڪندي  فري فلسطين جو نعره لڳايو. لاس اينجلس ۾ منعقد 77هين پرائم ٽائيم ايمي ايوارڊز جي تقريب ۾ 30 سالن جي يهودي مذهب سان تعلق رکندڙ آمريڪي اداڪاره چيو ته فلسطين جو مسئلو سندس دل جي تمام …

لاس اينجلس -16 سيپٽمبر (اي پي پي) ايمي ايوارڊز دوران ڪيترن ئي فنڪارن غزه جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ايوارڊ ونر ڪاميڊي سيريز هيڪس جي اداڪاره هنه آئنبائينڊر اسٽيج تي خطاب ڪندي  فري فلسطين جو نعره لڳايو. لاس اينجلس ۾ منعقد 77هين پرائم ٽائيم ايمي ايوارڊز جي تقريب ۾ 30 سالن جي يهودي مذهب سان تعلق رکندڙ آمريڪي اداڪاره چيو ته فلسطين جو مسئلو سندس دل جي تمام ويجهو آهي، انهي لاءِ هن سرعام اظهار ڪيو. ايوارڊ تقريب م هنه آئنبائينڊر سان گڏ فنڪاره ميگن اسٽالٽر به جنگ بندي جي حمايت ۾ هڪ بيگ کنيو هو جنهن تي جنگ بندي لکيل هو. هنه آئنبائنڊر کي سيريز هيڪس ۾ پنهنجي  ڪدار آواڊينيئلز لاءِ هن وقت تائين چار ڀيرا ايمي ايوارڊز لاءِ نامزد ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اها سندس پهرين ڪاميابي آهي. اسپين جي اداڪار هاوير بارڊيم ريڊ ڪارپيٽ تي فلسطين جي جهنڊي جي ڊزائن جهڙا ڪپڙا پائي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو. ان موقعي تي هن چيو ته هو ظلم ۽ ناانصافي جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندو.

مزید خبریں