ڪينبرا، 16 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن تي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي واري قانون تحت ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي گهٽ عمر جي تصديق لاءِ "گهٽ کان گهٽ مُداخلت تي ٻڌل" طريقا اختيار ڪن. رائٽرز مُوجب حڪومت سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي چيو آهي ته هر صارف کان عمر جي تصديق لاءِ سخت يا عام طريقا اختيار ڪرڻ …
آسٽريليا پاران سوشل ميڊيا تي ننڍي عمر جي ماڻهن لاءِ نئون قانون، 16 سالن کان گهٽ عمر وارن تي پابندي

مزید خبریں
ڪينبرا، 16 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن تي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي واري قانون تحت ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي گهٽ عمر جي تصديق لاءِ "گهٽ کان گهٽ مُداخلت تي ٻڌل” طريقا اختيار ڪن. رائٽرز مُوجب حڪومت سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي چيو آهي ته هر صارف کان عمر جي تصديق لاءِ سخت يا عام طريقا اختيار ڪرڻ بدران مصنوعي ذهانت ۽ صارف جي آن لائن رويئي تي ٻڌل ڊيٽا استعمال ڪن ته جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته ڪهڙا صارف ننڍي عمر جا آهن. آسٽريليا جي انٽرنيٽ جي نگراني ڪندڙ اداري اي سيفٽي جي ڪمشنر جولي انمن گرانٽ مُوجب سوشل ميڊيا ڪمپنيون اشتهارن لاءِ وڏي درستگي سان صارفين کي نشانو بڻائي سگهن ٿيون ته اها ساڳي ٽيڪنالاجي ٽيڪنالاجي ٻارن جي عمر جو سهي اندازو لڳائڻ لاءِ پڻ استعمال ٿي سگهي ٿي. هن اهو پڻ واضح ڪيو ته بالغ صارفين کان ٻيهر عمر جي تصديق جي گهُر سُٺي ڳالهه نه هُوندي. مواصلات جي وفاقي وزير انيڪا ويلز ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي ننڍي عمر وارن صارفين جي اڪائونٽس جي سڃاڻپ، انهن جي بندش، ٻيهر رجسٽريشن کي روڪڻ ۽ صارفين لاءِ شڪايتن جي طريقيڪار جي فراهمي جهڙا مُناسب قدم کڻن. آسٽريليا اهو قانون لاڳو ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي رهيو آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي هڪ اهم قدم سمجهيو پيو وڃي. قانون مُوجب پليٽ فارمن کي 10 ڊسمبر 2025ع تائين سڀني گهٽ عمر جي صارفين جي اڪائونٽس کي بند ڪرڻو پوندو.










