جي- سيون ملڪ پنهنجن پاليسين تي نظر ثاني ڪن: ايران

تهران _15 سيٽمبر (اي پي پي ) ايران چيو آهي ته جي سيون ملڪ پنهنجن پاليسين تي نظر ثاني ڪن. ايران جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو آهي ته جي- سيون ملڪن جون پاليسيون خطي ۽ دنيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو بڻيل آهن، ان لاءِ جي- سيون ملڪن کي پنهنجي پاليسين تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي .ٻئي پاسي ايران جي اعلى قومي سلامتي ڪائونسل خبردار …

تهران _15 سيٽمبر (اي پي پي ) ايران چيو آهي ته جي سيون ملڪ پنهنجن پاليسين تي نظر ثاني ڪن. ايران جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو آهي ته جي- سيون ملڪن جون پاليسيون خطي ۽ دنيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو بڻيل آهن، ان لاءِ جي- سيون ملڪن کي پنهنجي پاليسين تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي .ٻئي پاسي ايران جي اعلى قومي سلامتي ڪائونسل خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن تهران يا ان جي ايٽمي ٺڪاڻن خلاف خاص طور تي سلامتي ڪائونسل جي رد ٿيل ٺهرائن کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو ڪو قدم کنيو ويو ته ايران ايٽمي ادارن سان طئي ٿيل تازي ترتيب تي عملدرآمد روڪي ڇڏيندو. ڪائونسل وضاحت ڪئي ته اهڙو انتظام خاص ايٽمي ڪميٽي جي نظر ثاني کانپوءِ طئي ٿيو هو ۽ مستقبل جي ڪنهن به قدم يا رپورٽ کي قومي سلامتي ڪائونسل جي منظوري کان پوءِ ئي عالمي ايٽمي اداري کي پيش ڪيو ويندو.

مزید خبریں