پيانگ يانگ-15 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا چيو آهي ته ملڪ جي ايٽمي رياست واري حيثيت واپسي جوڳي نه آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه ويانا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ اتر ڪوريا جي مستقل مشن پنهنجي بيان ۾ چئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ائٽمي رياست واري حيثيت واپسي جوڳي نه آهي. اتر ڪوريا ملڪ جي ائٽمي هٿيارن کي ختم ڪرڻ وارن …
ملڪ جي ايٽمي رياست واري حيثيت واپسي جوڳي نه آهي: اتر ڪوريا

مزید خبریں
پيانگ يانگ-15 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا چيو آهي ته ملڪ جي ايٽمي رياست واري حيثيت واپسي جوڳي نه آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه ويانا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ اتر ڪوريا جي مستقل مشن پنهنجي بيان ۾ چئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ائٽمي رياست واري حيثيت واپسي جوڳي نه آهي. اتر ڪوريا ملڪ جي ائٽمي هٿيارن کي ختم ڪرڻ وارن آمريڪي مطالبن کي غير لاڳاپيل قرار ڏيندي انهن کي رد ڪيو آهي .اتر ڪوريا مشن چيو آهي ته جمهوري ڪوريا جي ائٽمي رياست جي حيثيت جيڪا ملڪ جي اعلي ۽ بنيادي قانون ۾ مستقل طور تي لکي وئي آهي هاڻي واپسي جوڳي نه آهي. اتر ڪوريا آمريڪي دٻاءَ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ائٽمي هٿيارن جي خاتمي تي زور ڏيڻ هڪ چڙ ڏياريندڙ عمل آهي جيڪو ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي برابر آهي.










