صدر آصف علي زرداري پاران چين جي شهر چينگڊو کان ميانيانگ تائين هاءِ اسپيڊ ٽرين ذريعي سفر

ميانيانگ-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي شهر چينگڊو کان ميانيانگ تائين هاءِ اسپيڊ ٽرين ذريعي سفر ڪيو، جيڪو اٽڪل اڌ ڪلاڪ ۾ مڪمل ٿيو. سفر دوران صدر کي ٽرين جي نظام، سروسز، حفاظتي قدمن ۽ ماحولياتي فائدن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب عملدارن ٻڌايو ته چين وٽ دنيا جو سڀ کان وڏو هاءِ اسپيڊ ريلوي …

ميانيانگ-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي شهر چينگڊو کان ميانيانگ تائين هاءِ اسپيڊ ٽرين ذريعي سفر ڪيو، جيڪو اٽڪل اڌ ڪلاڪ ۾ مڪمل ٿيو. سفر دوران صدر کي ٽرين جي نظام، سروسز، حفاظتي قدمن ۽ ماحولياتي فائدن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب عملدارن ٻڌايو ته چين وٽ دنيا جو سڀ کان وڏو هاءِ اسپيڊ ريلوي نيٽ ورڪ آهي جيڪو 45 هزار ڪلوميٽرن کان وڌيڪ پٽڙين تي ٻڌل آهي ۽ ساليانو 2 ارب کان وڌيڪ مسافرن کي سهولت فراهم ڪري ٿو. هي ٽرينون 350 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلنديون آهن ۽ تقريبن سمورن وڏن چيني شهرن کي پاڻ ۾ جوڙين ٿيون. چين هڪ معياري ۽ جديد مسافر نظام تيار ڪيو آهي جيڪو اڄ دنيا لاءِ جديد رابطن جو هڪ مثال بڻجي چڪو آهي. صدر آصف علي زرداري چين جي پائيدار ۽ مضبوط ٽرانسپورٽ ۾ ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي گدلاڻ کان پاڪ برقي نظام ۽ زلزلي جي وقت کان اڳ اطلاع ڏيڻ جي ٽيڪنالاجي ريلوي انجنيئرنگ جو شاهڪار آهي. هن چيو ته هي جديد قدم ٻين ملڪن خاص ڪري پاڪستان لاءِ قيمتي رهنمائي فراهم ڪن ٿا. صدر سان گڏ پاڪستان جو چين ۾ مقرر سفير جليل هاشمي، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائي ڊونگ، جيڪو صدر سان گڏ پوري دوري ۾ شريڪ آهي ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به موجود هو. ميانيانگ پهچڻ تي صدر جي آجيان نائب ميئر ووها ڪئي.

مزید خبریں