پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي پنهنجي مصر جي هم منصب سان ملاقات

دوحا-14 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دُوحا ۾ عرب - اسلامي سربراهي هنگامي اجلاس جي تيارين جي سلسلي ۾ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي مصر جي هم منصب ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن قطر ۽ ٻين مسلمان ملڪن تي اسرائيلي غير قانوني حملن کي سندن ملڪن جي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي قرار ڏنو. …

دوحا-14 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دُوحا ۾ عرب – اسلامي سربراهي هنگامي اجلاس جي تيارين جي سلسلي ۾ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي مصر جي هم منصب ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن قطر ۽ ٻين مسلمان ملڪن تي اسرائيلي غير قانوني حملن کي سندن ملڪن جي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي قرار ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن قطر ۽ ٻين مسلمان ملڪن تي اسرائيلي غير قانوني حملن کي انهن ملڪن جي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي قرار ڏيندي مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فلسطيني ڪاز لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسلمان امت ۾ يڪجهتي جي فوري ضرورت تي زور ڀريو.

مزید خبریں