بيجنگ-14 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جنگ پنگ ۽ سوئٽزرلينڊ جي صدر ڪيرن ڪيلرسٽر وچ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪن واري پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر شي جنگ پنگ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چين ۽ سوئٽزرلينڊ جا لاڳاپا مختلف سماجي نظامن ۽ ترقي جي مختلف مرحلن وارن ملڪن جي …
چين ۽ سوئٽزرلينڊ جا دوستاڻا لاڳاپا دوستاڻي تعاون جو مثال آهن: چين جو صدر

مزید خبریں
بيجنگ-14 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جنگ پنگ ۽ سوئٽزرلينڊ جي صدر ڪيرن ڪيلرسٽر وچ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪن واري پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر شي جنگ پنگ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چين ۽ سوئٽزرلينڊ جا لاڳاپا مختلف سماجي نظامن ۽ ترقي جي مختلف مرحلن وارن ملڪن جي دوستاڻي تعاون جو مثال آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن برابري، احترام، گڏيل فائدي جي چين – سوئٽزرلينڊ تعاون جي جذبي کي وڌايو آهي، ٻطرفي ۽ گهڻ رخي ميدانن ۾ تعاون جا نمايان نتيجا حاصل ڪيا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ گهڻ رخي نظام ۽ آزاد واپار جي تحفظ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر شي چيو ته چين – سوئٽزرلينڊ لاڳاپن جي ترقي کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اقتصادي ۽ مالي تعاون ثقافتي مٽاسٽا کي مضبوط ڪرڻ، چين ۽ سوئٽزرلينڊ جي وڌندڙ حصيداري کي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ، نيز مساوي ۽ منظم گهڻ قطبي ۽ جامع اقتصادي گلوبلائيزيشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ صدر ڪيرن ڪيلر سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. سوئٽزرلينڊ جي صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سوئٽزرلينڊ چين سان مٽاسٽا ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ گڏيل دوستي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.










