روس جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ بند ٿيل ٽيون هوائي اڏو ٻيهر کولي ڇڏيو

ماسڪو-12 سيپٽمبر (اي پي پي) روس اعلان ڪيو آهي ته هن ملڪ جي ڏکڻ ۾ هڪ اهم شهر ڪراسنودار ۾ هوائي اڏي کي هوائي ٽرئفڪ لاءِ ٻيهرکولي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، 2022ع ۾ يوڪرين ۾ روسي فوجي آپريشن جي شروعات کان پوءِ سيڪيورٽي سببن جي ڪري بند ڪيو ويو هو. روسي ٽرانسپورٽ واري وزارت چيو ته ڪراسنودار هوائي اڏو 11 سيپٽمبر تي ماسڪو جي وقت مطابق صبح 9 وڳي کان اڏامن لاءِ کوليو ويو. …

ماسڪو-12 سيپٽمبر (اي پي پي) روس اعلان ڪيو آهي ته هن ملڪ جي ڏکڻ ۾ هڪ اهم شهر ڪراسنودار ۾ هوائي اڏي کي هوائي ٽرئفڪ لاءِ ٻيهرکولي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، 2022ع ۾ يوڪرين ۾ روسي فوجي آپريشن جي شروعات کان پوءِ سيڪيورٽي سببن جي ڪري بند ڪيو ويو هو. روسي ٽرانسپورٽ واري وزارت چيو ته ڪراسنودار هوائي اڏو 11 سيپٽمبر تي ماسڪو جي وقت مطابق صبح 9 وڳي کان اڏامن لاءِ کوليو ويو. ان نشاندهي ڪئي ته فيبروري 2022ع ۾ جنگ جي شروعات کان وٺي هوائي اڏي کي ڪا به اڏام نه ملي هئي. وزارت فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته هوائي اڏي کي ٻيهر کولڻ سان علائقي ۾ رهائشي ۽ ڪمپنين لاءِ سفر جا موقعا وڌندا ۽ ازوف ۽ اسود سمنڊ تي ريسورٽ ۾ موڪلون گذارڻ آسان ٿيندو. اهو فيصلو روسي سول ايوي ايشن ايجنسي  جي هڪ ڪم ڪندڙ ٽيم جي سفارش ۽ هوائي اڏي جي ڪجهه سهولتن جي مرمت کان پوءِ ڪيو ويو .

مزید خبریں