کٽمنڊو-12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ پرُتشدد مظاهرن دوران فوتگين جو انگ 51 ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ سوشل ميڊيا تي حڪومتي پابندي، بدعنواني خلاف جاري پرتشدد مظاهرن دوران هن وقت تائين 51 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. مظاهرو ڪندڙن احتجاج دوران پارليامينٽ کي باهه لڳائي ڇڏي هُئي، وزيراعظم ڪي پي شرما اولي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي هُئي ۽ پوءِ فوج ڪرفيو …
نيپال ۾ پرُتشدد مظاهرن ۾ فوتگيون وڌي 51 ٿي ويون

مزید خبریں
کٽمنڊو-12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ پرُتشدد مظاهرن دوران فوتگين جو انگ 51 ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ سوشل ميڊيا تي حڪومتي پابندي، بدعنواني خلاف جاري پرتشدد مظاهرن دوران هن وقت تائين 51 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. مظاهرو ڪندڙن احتجاج دوران پارليامينٽ کي باهه لڳائي ڇڏي هُئي، وزيراعظم ڪي پي شرما اولي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي هُئي ۽ پوءِ فوج ڪرفيو لاڳو ڪري رستن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو هو. فوج وڌيڪ ٻُڌايو ته هن 100 کان وڌيڪ بندوقون هٿ ڪري ورتيون آهن جيڪي بغاوت دوران ڦريون ويون هيون، ان دوران مظاهرو ڪندڙن کي آٽوميٽڪ هٿيارن سان ليس ڏٺو ويو هو.










