سينٽ پيٽرزبرگ -12 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ 11هين انٽر نيشنل يونائيٽڊ ڪلچرز فورم جي شروعات ٿي وئي جنهن ۾ 60 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شريڪ آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو ٽن ڏينهن وارو فورم ” ثقافت طرف واپسي “ جي نئين موقعن جي موضوع تي منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ پروگرام شامل آهن، جن ۾ ليڪچرز ، …
سينٽ پيٽرزبرگ ۾ 11 هون انٽرنيشنل يونائيٽڊ ڪلچرز فورم شروع، 60 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪندا

مزید خبریں
سينٽ پيٽرزبرگ -12 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ 11هين انٽر نيشنل يونائيٽڊ ڪلچرز فورم جي شروعات ٿي وئي جنهن ۾ 60 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شريڪ آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو ٽن ڏينهن وارو فورم ” ثقافت طرف واپسي “ جي نئين موقعن جي موضوع تي منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ پروگرام شامل آهن، جن ۾ ليڪچرز ، پينل ڊسڪشنز ، گول ميز ڪانفرنسون ۽ موضوعاتي سيشنز هوندا، انهن سيشنز ۾ ٿيٽر ، ميوزيم ۽ مصنوعي ذهانت سميت ڪيترن موضوعن تي ڳالهيون ٿينديون. فورم جي ثقافتي پروگرام جي خاص جهلڪ چائنيز ڪلچر فيسٽول آهي جنهن ۾ ڪنگ فو ڊانس ڊرامه ” اليون وارئيرز “ پيش ڪيو ويندو . اهو فورم 2012 ع ۾ قائم ڪيو ويو هو ۽ ان کي روسي حڪومت ، ثقافت واري وزارت ۽ سينٽ پيٽرز برگ جي انتظاميه گڏيل طور تي منعقد ڪندا آهن. ان جو مقصد روسي ثقافت جو تحفط ، عالمي ثقافتي مٽاسٽا ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي.










