نيو يارڪ - 11 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ ساڄي ڌر جو نوجوان ڪارڪن ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ويجهو ساٿي چارلي ڪرڪ يونا ويلي يونيورسٽي ۾ هڪ عوامي تقريب دوران گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق واقعي کان پوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم 'دي ٽرٿ سوشل' تي لکيو ته عظيم، افسانوي، چارلي ڪرڪ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو. آمريڪا ۾ نوجوانن جي دلين …
آمريڪي يونيورسٽي ۾ فائرنگ سبب ڊونلڊ ٽرمپ جو ساٿي چارلي ڪرڪ مارجي ويو

مزید خبریں
نيو يارڪ – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ ساڄي ڌر جو نوجوان ڪارڪن ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ويجهو ساٿي چارلي ڪرڪ يونا ويلي يونيورسٽي ۾ هڪ عوامي تقريب دوران گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق واقعي کان پوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘دي ٽرٿ سوشل’ تي لکيو ته عظيم، افسانوي، چارلي ڪرڪ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو. آمريڪا ۾ نوجوانن جي دلين کي چارلي کان بهتر ڪو به نه سمجهي سگهيو. هن وڌيڪ چيو ته هو سڀني جو محبوب ۽ تعريف جي قابل انسان هو ، خاص طور تي منهنجي لاءِ ۽ هو هاڻي اسان سان گڏ ناهي. ميلانيا ۽ منهنجي همدرديون سندس خوبصورت زال ايريڪا ۽ انهن جي خاندان سان آهي. چارلي! اسان توهان سان پيار ڪريون ٿا. ان کان اڳ، فائرنگ جي واقعي کان فوري طور تي، آمريڪي صدر اهو چئي جواب ڏنو ته اسان سڀني کي چارلي ڪرڪ لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي جنهن کي گولي لڳي آهي. هو هڪ عظيم شخص آهي. يونيورسٽي پوليس جي ترجمان ڪرسٽين نيلسن تصديق ڪئي آهي ته يونيورسٽي ۾ فائرنگ ٿي جنهن کان پوءِ رهواسين کي محفوظ هنڌ تي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي . فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.جڏهن ته آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ٽروٿ سوشل “ تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندس انتظاميه انهن سمورن ماڻهن ۽ تنظيمن خلاف ڪاروائي ڪندي جيڪي ان واقعي يا ٻي سياسي تشدد ۾ ملوث رهيون آهن . هن ريڊيڪل کاٻي ڌر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ان جي پرتشدد سياست بي گناهه ماڻهن جون حياتيون وڃايون آهن . ٽرمپ چيو ته قاتل جي گولي چارلي ڪيڪ جو آواز خاموش نٿي ڪري سگهي، سندس پيغام نسل در نسل زنده رهندو . ياد رهي ته چارلي ڪرڪ کي گذريل ڏينهن يوٽاهه جي هڪ يونيورسٽي ۾ تقريب دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو .










