ويانا-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ايٽمي واچ ڊاگ (IAEA) جي سربراهه رافيل گروسي چيو آهي ته ايران ايٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ نئين سهڪار جي فريم ورڪ تي اتفاق ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ملڪ جي سڀني ايٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن کي شامل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميديا مطابق ايران ۽ IAEA وچ ۾ گذريل ڏينهن معاهدو ٿيو. گروسي ويانا ۾ بورڊ آف گورنرز جي هڪ اجلاس کي ٻڌايو ته معاهدو معائني جي طريقيڪار جي واضح ڄاڻ فراهم ڪري ٿو ۽ "سڀني …
ايران سان نئين معاهدي ۾ سمورا ايٽمي ٺڪاڻا شامل آهن : آئي اي اي اي

مزید خبریں
ويانا-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ايٽمي واچ ڊاگ (IAEA) جي سربراهه رافيل گروسي چيو آهي ته ايران ايٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ نئين سهڪار جي فريم ورڪ تي اتفاق ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ملڪ جي سڀني ايٽمي ٺڪاڻن ۽ سهولتن کي شامل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميديا مطابق ايران ۽ IAEA وچ ۾ گذريل ڏينهن معاهدو ٿيو. گروسي ويانا ۾ بورڊ آف گورنرز جي هڪ اجلاس کي ٻڌايو ته معاهدو معائني جي طريقيڪار جي واضح ڄاڻ فراهم ڪري ٿو ۽ "سڀني متاثر ٺڪاڻن ۽ اتي موجود ايٽمي مواد” تي رپورٽنگ کي شامل ڪري ٿو . ايران پاران تعاون ملتوي ڪرڻ کان پوءِ IAEA جا انسپيڪٽر ملڪ ڇڏي وياهئا جڏهن ته گذريل مهيني هڪ ٽيم بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ ۾ گيس جي تبديلي جي نگراني لاءِ مختصر دورو ڪيو. جڏهن ته هاڻي ايٽمي سهولتن تائين پهچ لاءِ هاڻي ايران جي سپريم ڪائونسل جي منظوري جي ضرورت آهي. رافيل گروسي چيو ته ايران ۽ ايجنسي هاڻي جامع طريقي سان ٻيهر سهڪار شروع ڪندا. هن چيو ته جيڪڏهن هاڻي ايران خلاف ڪا به دشمني واري ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي معطل ٿيل قراردادن جي بحالي به شامل آهي، ته ايران انهن عملي قدمن کي ختم سمجهندو.










