سوشل ميڊيا جي استعمال لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ گهرجي: يورپي ڪميشن

برسلز- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وون ڊير ليين يورپي يونين اندر سوشل ميڊيا جي استعمال لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽراسبرگ فرانس ۾ يورپي پارليامينٽ  کي خطاب ڪندي ارسلاوون ڊير لين چيو ته هوءَ  هلندڙ  سال جي آخر تائين ماهرن جو هڪ گروپ مقرر ڪندي. هن سوشل ميڊيا لاءِ ممڪن ضابطن کي تماڪ ۽ شراب جي ضابطن سان ڀيٽيو . …

برسلز- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وون ڊير ليين يورپي يونين اندر سوشل ميڊيا جي استعمال لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽراسبرگ فرانس ۾ يورپي پارليامينٽ  کي خطاب ڪندي ارسلاوون ڊير لين چيو ته هوءَ  هلندڙ  سال جي آخر تائين ماهرن جو هڪ گروپ مقرر ڪندي. هن سوشل ميڊيا لاءِ ممڪن ضابطن کي تماڪ ۽ شراب جي ضابطن سان ڀيٽيو . وون ڊير لين يورپي يونين جي پارليامنيٽ ميمبرن کي ٻڌايو ته منهنجي زماني ۾  اسان هڪ معاشري جي حيثيت سان پنهنجن ٻارن کي سيکاريندا هئاسين ته انهن کي هڪ خاص عمر جي حد تائين سگريٽ ۽ شراب  پيئڻ يا بالغن جو مواد ڏسڻ جي اجازت نه آهي . مون کي لڳي ٿو ته  هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته اسان سوشل ميڊيا لاءِ به ساڳيو ڪرڻ بابت سوچون. هن وڌيڪ چيو ته مان انهن والدين جي خدشن کي سمجهان ٿي جيڪي پنهنجي ٻارن کي محفوظ رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن. انهن والدين کي ڊڄ آهي ته انهن جا ٻار صرف هڪ فون ڪلڪ سان وڏي خطرن جو شڪار ٿي ويندا.

مزید خبریں