دوحا ۾ اسرائيلي حملا مذمت جوڳا آهن، ڌريون اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جنهن سان اسرائيل فسلطين تڪرار وڌي وڃي: روس

ماسڪو-11 سيپٽمبر(اي پي پي) روس قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جنهن سان اسرائيل فلسطين تڪرار وڌيڪ وڌي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته روس ان حملي کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي، هڪ آزاد رياست جي خودمختياري ۽ …

ماسڪو-11 سيپٽمبر(اي پي پي) روس قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جنهن سان اسرائيل فلسطين تڪرار وڌيڪ وڌي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته روس ان حملي کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي، هڪ آزاد رياست جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي حملي ۽ وچ اوڀر جي صورتحال کي وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ وارو قدم سمجهي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان پنهنجي دشمنن کي منهن ڏيڻ جا اهي طريقا مذمت جوڳا آهن.ر وس چيو ته قطر تي اسرائيلي حملن جو مقصدن پرامن حل ڳولڻ جي عالمي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ آهي. بعد ۾ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ان حملي کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. روسي پرڏيهي وزير چيو ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته اسرائيلي قدم وچ اوڀر ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

مزید خبریں