واشنگٽن – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين کي چيو آهي ته هو ڀارت ۽ چين تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آمريڪي صدر يورپي يونين تي زور ڀريو آهي ته هو ماسڪو تي دٻاءُ وجهڻ جي گڏيل ڪوشش تحت چين ۽ ڀارت مان آمدني واپار تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري. رپورٽ مطابق آمريڪي صدر اهو مطالبو تازو ئي …
يورپي يونين ڀارت ۽ چين تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪندو: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين کي چيو آهي ته هو ڀارت ۽ چين تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آمريڪي صدر يورپي يونين تي زور ڀريو آهي ته هو ماسڪو تي دٻاءُ وجهڻ جي گڏيل ڪوشش تحت چين ۽ ڀارت مان آمدني واپار تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري. رپورٽ مطابق آمريڪي صدر اهو مطالبو تازو ئي واشنگٽن ۾ آمريڪي ۽ يورپي يونين جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو، جتي روس لاءِ يوڪرين جنگ جا معاشي خرچ وڌائڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هڪ آمريڪي اهلڪار چيو ته آمريڪا ان سلسلي ۾ فوري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي پر اسان اهو رڳو ان صورت ۾ ڪنداسين جڏهن اسانجا يورپي شراڪتدار اسان سان گڏ شامل هجن.










