قاهره – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران، عالمي ايٽمي اداري (آءِ اي اي اي) سان نئين سر سهڪار لاءِ هڪ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان نئين اتفاق راءِ لاءِ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي جي سربراهه رافيل گروسي گذريل ڏينهن قاهره ۾ صحيحيون ڪيون. عالمي ايٽمي اداري جي سربراهه ان اتفاق کي ساراهيندي ان کي درست رخ ۾ هڪ …
ايران ۽ آءِ اي اي اي وچ ۾ سهڪار جي فريم ورڪ تي اتفاق

مزید خبریں
قاهره – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران، عالمي ايٽمي اداري (آءِ اي اي اي) سان نئين سر سهڪار لاءِ هڪ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان نئين اتفاق راءِ لاءِ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي جي سربراهه رافيل گروسي گذريل ڏينهن قاهره ۾ صحيحيون ڪيون. عالمي ايٽمي اداري جي سربراهه ان اتفاق کي ساراهيندي ان کي درست رخ ۾ هڪ اهم قدم قرار ڏنو. ايران چيو آهي ته مستقبل ۾ ان اداري سان سهڪار جي هڪ نئين شڪل سامهون ايندي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته نين حالتن ۾ کين هڪ ٻئي سان ڪهڙي طرح سهڪار ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي طرح بهتري طرف وڌڻو آهي. عالمي ايٽمي اداري به ايران سان فني معاملن تي هڪ معاهدي تي صحيحيون ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ گڏيل پريس ڪانفرسن دوران انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي جي سربراهه رافيل گروسي ۽ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته اسانکي اميد آهي ته اهو معاهدو هاڻي به ٻه طرفن لاڳاپن ۾ بهتري جي شروعات بڻجندو.










